زلف پيرزادو

زلف پيرزادو

زلف پيرزادو

زلف پيرزادو: صحافي، تجزئي نگار ۽ ليکڪ زلف پيرزادي جو اصل نالو امام بخش ولد عبدالرحيم پيرزادو آهي. هن 10 نومبر 1960ع تي، ضلعي لاڙڪاڻي جي مشھور ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ جنم ورتو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ٻلھڙيجي ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. شاگرديءَ جي دور ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا جيل ويو. جيل مان نڪرڻ بعد ڪي ايم سي جي صحت واري شعبي ۾ نوڪري ڪئي، پر 1988ع ۾ لساني فساد دوران سندس گهر تي حملو ٿيو، جنھن ۾ سندس هڪ دوست شھيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. اُن کان پوءِ هو نوڪري ڇڏي صحافت سان جڙيو. صحافت جي شروعات روزاني ’پڪار‘ سکر ۾ سب ايڊيٽر طور ڪئي. اُن کان پوءِ هو مختلف اخبارن: سنڌ، هلچل، تعمير سنڌ ۽ الک سميت عوامي آواز ميڊيا گروپ ۾ ڊپٽي ايڊيٽر نيوز (عوامي آواز) رهيو. سياسي حوالي سان سنڌ نئشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن، ڊي ايس ايف ڪراچي ۽ سنڌ هاري ڪميٽي (ٻلھڙيجي) جي نظرياتي اڳواڻ طور پڻ ڪم ڪيو. 1980ع جي ڏهاڪي ۾ انقلابي گيتن کي جديد انداز ۾ ڳائڻ واري وائيسز گروپ جو به حصو بڻيو. ان کان علاوه ڪراچي پريس ڪلب، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ ۽ PFUJ جو ميمبر پڻ رهيو. سندس ڌي ورثا پيزادو پڻ صحافتي شعبي سان لاڳاپيل آهي. 28 جنوري 2024ع تي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ٻلھڙيجي ۾ ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.11.10  عيسوي

صحافي، تجزئي نگار ۽ ليکڪ زلف پيرزادي جو اصل نالو امام بخش ولد عبدالرحيم پيرزادو آهي. هن 10 نومبر 1960ع تي، ضلعي لاڙڪاڻي جي مشھور ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ جنم ورتو.


2024.01.28  عيسوي

زلف پيرزادي 28 جنوري 2024ع تي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس تدفين ٻلھڙيجي ۾ ٿي



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم خواجا
ارشد شريف
امداد علي سومرو
پريل دايو
ظفر علي خان مولانا
عبدالرحمان نقاش
اي بي راجپوت
امام علي ڏيٿو
جعفر ميمڻ
برڪاتي مسعود احمد
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون